اڊيالا جيل تشدد ڪيس: جيل عملي جي معطلي خلاف درخواست رد

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي اڊيالا جيل جي دوري کانپوءِ جيل عملي جي معطلي خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي.چيف جسٽس اطهر من الله درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏيندي چيو ته هي ڪيس هن عدالت جو دائرو ناهي، انساني حقن جو معاملو آهي، وڏو مسئلو آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايان ته هي ماڻهو اتي قيدين سان ڇا ڪندا آهن.درخواستگذار جي وڪيل علي بخاري چيو ته توهان صحيح ٿا چئو پر جيڪي ملوث هئا انهن کي آزاد ڪيو ويو، جيڪي بيگناهه هئا ۽ ملوث نه هئا انهن کي معطل ڪيو ويو.چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته هيومن رائيٽس ڪميشن ان معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميشن کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت اڊيالا جيل جي عملي جي معطلي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو