انجنيئر خورشيد کوکر آبادگارن سان ناجائزي ڪري رهيو آهي: حيدر خان

ڏهرڪي (ن س) سنڌ جي دانهن فورم جي مرڪزي سربراھ حيدر خان شر ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايريگيشن انجنيئر خورشيد کوکر ڏهر واه جي ٽٽل پل جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ آبادگارن سان ناجائزي ڪري رهيو آهي ڪم ۾ سست رفتاري سان گڏوگڏ ناقص مٽيريل پڻ استعمال ڪري رهيو آهي سنڌ جي دانهن فورم جي مرڪزي سربراھ حيدر خان شر آصف لغاري ،سبحان گولاٽو،زرڪ گولاٽو شوڪت مھر مريد احمد پتافي چيو ته برساتن سبب آبادگارن جو ڦٽي جو فصل تباھ ٿي ويو آهي ۽ هاڻي وري انجنيئر خورشيد کوکر هٿراڌو ڌڪا ٺاهي پاڻي بند ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رهيو آهي هنن چيو ته ڏهر واھ ،نرلي مائنر ۽ نهال واھ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سارين جو فصل سڙي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڏهر واه جي ٽٽل پل جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرائي هٿراڌو ٺاهيل ڌڪا ختم ڪري پاڻي ڇڏيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڻي نه ڇڏيو ويو ته انجنيئر خورشيد کوکر جي آفيس جو گهيراء ڪري ڌرڻو هنيو ويندو هن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو