هراسان ڪرڻ هر ڪنهن لاءِ ناقابل قبول آهي:عتيقه اوڍو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا عتيقہ اوڍو مريم اورنگزيب جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي هراساني هر ڪنهن لاءِ ناقابل قبول آهي، اهو قومي مسئلن جو حل ناهي.عتيقہ اوڍو پنهنجي انسٽاگرام تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي حمايت ۾ سامهون آئي ۽ لنڊن ۾ پيش آيل واقعي جي وڊيو پڻ شيئر ڪئي.اداڪارا چيو ته توهان ڪنهن جي سياست سان متفق نه آهيو پر اهڙي هراساني هر ڪنهن لاءِ ناقابل قبول آهي.عتيقہ چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي اهڙي رويي سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿئي ٿو، اهي مسئلا حل ڪرڻ بدران مسئلن جو حصو بڻجي رهيا آهن.هن چيو ته مان پنهنجي مداحن ۽ دوستن کي گذارش ڪريان ٿو ته اهڙي ٻاراڻي رويي مان توهان کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، توهان پنهنجي جذبات جو اظهار پنهنجي باوقار انداز سان ڪيو (ووٽ ڏيڻ).

پهنجو تبصرو موڪليو