بابر اعظم سرفراز احمد کان اهم اعزاز کسي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ خلاف سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سرفراز احمد کان اهم اعزاز کسي ورتو.انگلينڊ جي ٽيم جي تاريخي شڪست کانپوءِ بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 ميچن ۾ پاڪستان جو ڪپتان بڻجي ويو.انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ بابر اعظم سرفراز احمد کي پوئتي هٽائي بهترين ڪپتان جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.ڪپتان جي حيثيت سان بابر اعظم 49 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا، جن مان 30 ۾ کيس ڪاميابي ۽ 14 ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.ان کان اڳ سرفراز احمد پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 29 ميچون کٽيون هيون، کيس 37 ميچن مان 8 ۾ شڪست ملي هئي.شاهد آفريدي 19، محمد حفيظ 18 جڏهن ته شعيب ملڪ ڪپتان طور کيڏندي 13 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو