اسان دنيا کان پنهنجي عوام لاءِ انصاف چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان دنيا کان پنهنجي عوام لاءِ انصاف چاهيون ٿا.ڪائونسل آن فارن رليشنز جي تحت تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پنهنجي عوام لاءِ موسمياتي انصاف چاهيون ٿا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو 0.8 سيڪڙو آهي، عوام جي امداد نه پر انصاف جي ڳالهه ڪندس.پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وبائي مرض پکڙجڻ جو خدشو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ٻوڏ کانپوءِ صحت جي مسئلن کي به منهن ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي سان پاڪستان کي ڪجهه معاشي رليف ملندو.پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جي معاشي نقصان جو ابتدائي تخمينو لڳايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو