اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ،سماجي اڳواڻن جو احتجاج

گهارو (ن س) گهارو ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف سماجي اڳواڻ محمد علي خٽڪ، علي محمد جت ۽ اسڪول جي استادن شاگردن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جو ايم پي اي ساڪرو ڄام اويس گھرام جوکيو نوٽيس وٺندي ٽائون ايڊمنسٽريٽر عبدالغفور هيجب کي حڪم ڏنو ته ھائير سيڪنڊري اسڪول گھارو مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ اسڪول جو گرائونڊ بحال ڪرڻ ليٽرين واش روم ۽ پاڻيءَ سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن، ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو اسڪول انتظاميا کي چيو ته سمري تيار ڪري ڏني وڃي ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان سمري منظوري بعد ھائير سيڪنڊري اسڪول کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو