پن وارو پيسو نه کپي بس عالمي برادري کان انصاف گهرجي: بلاول

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان بهار نه ٿا گهرون، عالمي برادري کان انصاف چاهيون ٿا، ٻوڏ عالمي آفت آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي، هن وقت اسان امداد ۽ بچاءُ واري مرحلي ۾ آهيون، جنهن کانپوءِ اسان تعميراتي مرحلي ۾ آهيون، داخل ٿينداسين.فرانسيسي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ٻوڏ کانپوءِ اسان کي صحت ۽ خوراڪ جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب اسان کي صحت ۽ خوراڪ جي فراهمي ۾ ناڪامي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي فاشسٽ، اسلام فوبڪ پاليسي سبب اتي جا مسلمان عدم تحفظ جو شڪار آهن، ڀارت سان هن وقت ڪوبه رابطو ناهي.هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڄمون ۽ ڪشمير جي جاگرافيائي حدن کي تبديل ڪرڻ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري رهيو آهي، اتي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفي غير قانوني قدم کنيا.هن چيو ته اڄ جو ڀارت سيڪيولر ناهي، جيئن ان جي باني اڳواڻن چاهيو هو، بدقسمتي سان اڄ جو ڀارت هڪ تبديل ٿيل ملڪ آهي ۽ اسان جي ان سان لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، اسان کي امن سان رهڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو