بابر اعظم پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جي سببن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.پهرين ٽي 20 ۾ شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پهرين 10 اوورن ۾ پاڪستاني ٽيم سٺي شروعات ڪئي پر بعد ۾ سٺي پارٽنرشپ نه ٿي جنهن سبب ٽيم وڏو اسڪور نه ڪري سگهي.بابر اعظم چيو ته هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ مختلف بيٽنگ آرڊر ڪمبيشنز آزمائي رهيو آهي.ٻئي طرف جيو نيوز سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر عثمان قادر جو چوڻ هو ته پاڪستان جو اسڪور سٺو هو ۽ ان جو دفاع ڪرڻ گهرجي ها پر پاڪستاني بالر مڪمل پلان موجب بالنگ نه ڪري سگهيا.عثمان قادر چيو ته انگلينڊ سٺي راند کيڏي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، اميد آهي ته پاڪستان پنهنجي غلطين مان سبق سکندو ۽ ايندڙ ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو.

پهنجو تبصرو موڪليو