ريفرنس ڪڏهن داخل ئي نه ٿيو ته واپس ڪيئن ٿي ويو؟ مانڊوي والا

ريفرنس ڪڏهن داخل ئي نه ٿيو ته واپس ڪيئن ٿي ويو؟ مانڊوي والا

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڪرپشن ريفرنس ڪڏهن داخل ئي ناهي ٿيو ته واپس ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي ويو پنهنجي بيان ۾ سليم مانڊوي والا چيو ته منهنجي خلاف مسلسل ڪرپشن جو ريفرنس واپس ٿيوڃڻ جون خبرون هلايون پيون وڃن منهنجي مٿان نه ڪڏهن ڪرپشن جو الزام لڳو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيو هو هن چيو ته منهنجي خلاف نيب سياسي انجنيئرنگ لاءِ هڪ ڪوڙو ڪڊني هلز ريفرنس ٺاهيو هو سليم مانڊوي والا چيو ته ڪڊني هلز ريفرنس ۾ الاٽمينٽ جو معاملو هو ڪرپشن جو نه، ڪڊني هلز ريفرنس ۾ ڪرپشن ناهي پر الاٽمينٽ بابت ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام مڙهيا ويا هئا هن چيو ته سياسي انجبنيئرنگ لاءِ نيب ان وقت هڪ الاٽمينٽ جو ڪيس جوڙي مون تي دٻاءُ وڌو، سڀني جي سامهون آهي ته اسان عدالتن ۾ پيش ٿيندا رهياسين پر نيب ڪجهه به ثابت ناهي ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو