اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: راڻا ثناءُ الله

اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اگهه وڌائڻ حڪومت جي مجبوري آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي.خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مجبوري ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، اگهه وڌائڻ جي فيصلي سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي پر مجبوري آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي ۽ اسان وٽ ٻيو ڪو حل ناهي.مريم نواز بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز اها ئي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪا وزيراعظم شهباز شريف ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو