خراب موسم، وزيراعظم جو هيلي ڪاپٽر ميانوالي کان واپس

خراب موسم، وزيراعظم جو هيلي ڪاپٽر ميانوالي کان واپس

اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم شهباز شريف موسم جي خرابي سبب ميانوالي ۽ ٽانڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو نه ڪري سگهيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي سلسلي ۾ پهريان ميانوالي ۽ پوءِ ٽانڪي جو دورو ڪرڻو هو. وزيراعظم آفيس موجب شهباز شريف جو هيلي ڪاپٽر خراب موسم سبب ميانوالي کان واپس روانو ٿيو.وزيراعظم ايئرپورٽ تي ٻوڏ بابت جائزو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم ايئرپورٽ تي ٻوڏ بابت اجلاس کانپوءِ لنڊن روانو ٿيندو.وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ برطانيا جي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو ۽ پنهنجي ڀاءُ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ وطن روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو