پاڪستان،ڪورونا سبب فوتين جو انگ 30 هزار 594 ٿي ويو

پاڪستان،ڪورونا سبب فوتين جو انگ 30 هزار 594 ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 مريض فوت ٿي ويو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.03 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 158 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 105 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 594 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 70 هزار 364 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 15 هزار 303 ٽيسٽ ڪيا ويا.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 2 لک 7 هزار 809 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو