گهارو (ن سنڌيار) ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي حڪم تي مختيارڪار ميرپور ساڪرو آصف سومرو جي آگواڻي ۾ ڄام برانچ گهارو لڳ ڳوٺ الهبچايو آمڙو ديھ کيراڻي محمد صديق پليجو جي زمين تان عدالتي حڪم تي قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي ساڪرو محمدنوازسرائي. ۽ ايس ايچ او گھارو ممتازعلي بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ گهارو. ساڪرو.ٻهارا.ڌاٻيجي ۽ گجو ٿاڻن جي 8 موبائلن ۾ سوار پوليس جي وڏي نفري ۽ روينيو عملي سرزمين پهچي زمين کي خالي ڪرائي ڇڏيو آھي.ٻئي طرف آمڙا ڳوٺ جي متاثر ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آھي ته اسين سالن کان هن ڳوٺ ۾ آباد آهيون پر ڪجھ ماڻهن جعلي ڪاغذن جي آڌار تي عدالتي سهارو وٺي اسان سان ظلم ڪيوآھي.










