چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ملين يوان امداد جو اعلان

چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ملين يوان امداد جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)چين پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ملين يوان (RMB) امداد جو اعلان ڪيو آهي.چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻوڏ جي صورتحال تي پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير نانگ رونگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو اهو پيغام پاڪستاني قيادت تائين پهچايو، جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هميشه وانگر چيني قيادت ۽ عوام پاڪستان سان دوستي ۽ سخاوت جو مظاهرو ڪيو آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان.ٻئي طرف چين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ملين يوان (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته چيني هوائي فوج جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين بيچ سان اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو