سوات کي  سيلاب ٻوڙي ڇڏيو، سوين گهر ۽ هوٽلون تباهه

سوات کي سيلاب ٻوڙي ڇڏيو، سوين گهر ۽ هوٽلون تباهه

پشاور(ويب ڊيسڪ)سوات ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 15 ڄڻا فوت ۽ درجنين گهر ۽ هوٽل تباهه ٿي ويا. ضلعي انتظاميا موجب سوات ۾ ٻوڏ سبب 130 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿي ويا جڏهن ته 15 لنڪ پل مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويا.ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ گهر ۽ ٻيون عمارتون تباهه ٿي ويون جڏهن ته 50 هوٽلون تباهه ٿي ويون.ڪالام ۾ درياهه جي ڪنارن تي ٺهيل هوٽلون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ بحرين ۾ جيڪو به رستي ۾ آيو سو ٻوڏ جي ڪري لڙهي ويو.سوات ۾ درجنين وڻ ڊاهي پٽ ٿي ويا، گهٽيون ۽ رستا درياهه جو نظارو ڪرڻ لڳا، گاڏيون به ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويون جڏهن ته سوات جي سڀ کان وڏي ايوب پل کي به بند ڪيو ويو.هوڏانهن سوات ايڪسپريس وي کي پلئي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب جزوي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضلعي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو