عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو

عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران عورت سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.عدالت رجسٽرار جي نوٽ تي معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان لاءِ لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي، هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن صلاح مشوري بعد عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن جلد قانوني نوٽيس جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.لارجر بئنچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل ارونگزيب ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو