نئون ديرو (ن سنڌيار) واپڊا جي رٽائرڊ ملازم غلام نبي لاشاري خلاف ڀاڄائي ۽ ڀائٽي جو احتجاج،پراپرٽي مان حصو نه ڏيڻ جو الزام،بلاول ڀٽو زرداري کان نوٽيس جو مطالبو،تفصيل موجب واپڊا جي اڳوڻي ملازم غلام نبي لاشاري خلاف سندس ڀاڄائي ۽ ڀائٽي عبدالڪريم عرف ڀورل لاشاري معصوم ٻارڙن سميت ميڊيا آفيس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي،ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دڪان ۽ زمينون گڏ ورتل هيون منهنجو والد صاحب غلام قادر لاشاري تعليم کاتي ۾ اٽينڊنٽ هو ۽ اسان زرعي زمينون ڪندا هئاسين سڄي فيملي گڏ هئي زمينون ۽ شهر ۾ ورتل دڪان گڏ جا هئا ڌار ٿيڻ بعد چاچي غلام نبي هڪ ويس به پراپرٽي خريد ناهي ڪئي اسان کي 12 دڪانن ۽ زمين مان اڌ حصو نه پيو ڏي انهن تي قبضو ڪري ڇڏيو اٿائين جڏهن ته سڄي برادري جي اڳيان ڪجهه وقت اڳ شهر جي معزز مفتي عبدالرحيم ڪنڌهر پنهنجي مدرسي تي فيصلو ڪيو هو ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فتوا جاري ڪئي ته غلام نبي پنهنجي ڀائٽين کي دڪانن ۽ ٻي ملڪيت مان اڌ حصو ڏيندو اتي فيصلو اسان جو چاچو مڃي آيو هو پر اڃان تائين عمل نه ڪيو ان فيصلي جي لکت به موجود آهي اسان کي چاچو غلام نبي ۽ سندس پٽ لائين سپريڊنٽ محمد ياسين لاشاري حصو گهرڻ تي موت مار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهياآهن اسان مسڪين ماڻهو آهيون ، چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر سميت شهر جي معززين کان انصاف جي حصول جو مطالبو ڪيون ٿا۔










