ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪارا شهناز گِل تازو ئي ممبئي جي هڪ علائقي ۾ فوٽو گرافرن جي گهيري ۾ اچي وئي.انهن سان ڳالهائيندي شهناز گِل چيو ته توهان جي چڪر ۾ مونکي پنهنجا وار سڌا ڪرائڻا پئجي ويا ۽ هڪ هزار رپيا خرچ ڪرڻو پئجي ويو.شهناز گل باليووڊ ۾ جلد قدم رکڻ واري آهي، اداڪارا هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي آهي ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ هڪ پارلر مان ٻاهر اچي رهي آهي.واضح رهي ته شهناز گِل بگ باس سيزن تيرنهن مان مقبوليت ماڻي آهي.شهناز گِل اڄڪلهه پنهنجي پهرين باليووڊ فلم ڪبهي عيد ڪبهي ديوالي تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ سلمان خان مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.










