لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ آزادي جي ڏهاڙي تي بگل ۽ سيٽن جي استعمال تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري 14 آگسٽ تي سڱن، هارن ۽ سيٽيون وڄائڻ تي پابندي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي. عدالت شهري جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن گذري ويو، هاڻي درخواست جو ڪو جواز ناهي.










