اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف کي لاڳاپيل اختيارين منصوبي بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير به شهباز شريف سان گڏ هئا.افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته گذريل 4 سالن کان التوا ۾ پيل منصوبا ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ڪيا ويا، اميد آهي ته بهار کهو فلائي اوور منصوبو به 4 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو.شهباز شريف چيو ته اسان هي ملڪ بي لوث قربانين ذريعي حاصل ڪيو آهي، ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ جي تقدير بدلائينداسين.










