هڪ وقت هو جڏهن اسان جو خاندان بي گهر ٿيڻ وارو هو: عامر خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار عامر خان پنهنجي خاندان جو سڀ کان اهم راز انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو انهن ماڻهن مان ناهي، جيڪي وات ۾ چاندي جو چمچو کڻي پيدا ٿين ٿا.عامر خان هن وقت پنهنجي فلم لال سنگهه چڊا جي پروموشن ۾ مصروف آهي، هن يوٽيوب گرل کي انٽرويو ڏنو ۽ پنهنجي خاندان، پيءُ ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن بابت ڳالهايو.بالي ووڊ اسٽار هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿو جيڪو ڏهاڪن کان بالي ووڊ سان وابسته آهي، سندس والد طاهر حسين فلم پروڊيوسر هو جڏهن ته سندس چاچي ناصر حسين دل ديکيو، يادون ڪي بارات ۽ عامر خان جي پهرين فلم قيامت سي قيامت ٺاهي.عامر خان جي پيءُ طاهر حسين 1960ع جي ڏهاڪي ۾ فلم ”جب پيار کسي سي هوتا“ ۽ ”پيار ڪا موسم“ ۾ بطور اداڪار ڪم ڪيو، پر پوءِ هن فلمون پروڊيوس ڪرڻ شروع ڪيون.پروڊيوسر جي حيثيت سان هن ڪارون، اناميڪا، تم ميري هو جهڙيون فلمون ٺاهيون، هن جون ڪجهه پهرين فلمون ڪامياب رهيون هيون پر پوءِ جون فلمون فلاپ ٿي ويون.هن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته منهنجو خاندان امير نه هو، مان وات ۾ چاندي جو چمچو کڻي پيدا نه ٿيو آهيان، ان جو سبب اهو آهي ته منهنجو پيءُ سٺو واپاري نه هو، هو هميشه پئسا وڃائيندو رهيو.عامر خان چيو ته منهنجو پيءُ تمام گهڻو قرضدار هو، هڪ وقت هو ته اسان جو خاندان بي گهر ٿيڻ جي ڪناري تي هو.هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته توهان انڊسٽري ۾ آهيو ڇو ته توهان جو پيءُ فلم پروڊيوسر هو ان ڪري توهان امير آهيو پر سچ اهو آهي ته منهنجو پيءُ سٺو بزنس مين نه هو، هن ڪامياب فلمون ٺاهيون پر پئسا نه ڪمايا.بالي ووڊ اسٽار وڌيڪ چيو ته مون بابا صاحب لاڪيٽ نالي هڪ فلم ٺاهي جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 8 سال لڳا، ان تي اسان تي تمام گهڻو قرض آيو، ان وقت سود جي شرح 36 سيڪڙو هئي، جنهن ڪري اسان مالي طور تي ٺيڪ نه هئاسين. هن چيو ته ٻئي طرف منهنجو ننڍپڻ ڏاڍو خوشگوار گذريو، ڏکئي وقتن باوجود منهنجي والد تمام گهڻي جدوجهد ڪئي.ان کان اڳ به هڪ انٽرويو ۾ عامر خان پنهنجي ماضي جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته هن وٽ اڪثر اسڪول جي فيس لاءِ پئسا نه هئا، جنهن ڪري اسان کي اسڪول اسيمبلي ۾ ذلت جو منهن ڏسڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو