9 تڪن جي چونڊ جو شيڊول فوري معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي استدعا رد

اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 تڪن جي ننڍي چونڊ جو شيڊول فوري معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي 9 تڪن جي ننڍي چونڊ جو شيڊول معطل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن شيڊول معطل ڪرڻ جو قانوني ڪارڻ ڇا آهي؟ توهان هڪ اليڪشن روڪڻ جي استدعا ڪري رهيا آهيو ڪوئي قانوني ڪارڻ ٻڌايو، قومي اسيمبلي جون سيٽون خالي آهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جو اعلان ڪيو آهي.عدالت جي سوال تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي.ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته 123 تڪن ۾ به اليڪشن ٿي ويندي پهرين هيءَ چونڊ تي ٿيڻ ڏيو، توهان اليڪشن وڙهو.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ طرفان ننڍي چونڊ جو شيڊول فوري معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو