مراد علي شاهه جي نااهلي، لارجر بينچ ٺاهڻ جي درخواست رد

مراد علي شاهه جي نااهلي، لارجر بينچ ٺاهڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي ڪيس ۾ لارجر بينچ جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته لارجر بينچ ٺاهڻ هاڻي تاريخ بڻجي وئي آهي. وڪيل حامد خان چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي بنيادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن ۾ شامل هو، کيس نظرثاني واري بينچ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي موجود آهي، کيس بينچ ۾ شامل ڪيو وڃي.جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مون سان ملاقات ڪري لارجر بينچ تي ڳالهايو.سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو