موت جو خطرو: سلمان خان کي هٿيارن جو لائسنس جاري

موت جو خطرو: سلمان خان کي هٿيارن جو لائسنس جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ بعد ممبئي پوليس هٿيارن جي لائسنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ بعد هٿيارن جي لائسنس لاءِ درخواست ڏني.سلمان خان جي درخواست کانپوءِ ممبئي پوليس کيس ڊي سي پي زون 9 حوالي ڪيو جتي سلمان خان کي لائسنس جاري ڪيو ويو. ممبئي پوليس موجب سلمان خان کي هٿيارن جو لائسنس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪهڙيون هٿيار خريد ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو