غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي مسمار ڪرڻ خلاف ايس يوپي جو احتجاج

غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي مسمار ڪرڻ خلاف ايس يوپي جو احتجاج

ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪراچي جي علائقي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي مسمار ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ماروئڙا ڳوٺ کان سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ غازي ڳوٺ جي احتجاجي ڪئمپ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪنن سميت پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جماعت اسلامي اڳواڻ اسدﷲ ڀٽو ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ سنڌ عوامي سٿ جي مهر ڊٻائي مشتاق سرڪي سنڌ سجاگي فورم سارنگ جويو قومي دانشور تاج جويو وي ايم پي ڪنوينر سورٺ لوهار سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو تہ غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف 3 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا سنڌ جو منشي سيد مراد علي شاھ ۽ ڪمداري ڪندڙ سنڌ پوليس روينيو اختياريون ۽ ملوث ادارا سڄي سنڌ کي غازي ڳوٺ جيان بيروت بڻائڻ چاھن ٿيون سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪنهن بہ صورت ۾ زرداري مافيا جي قبصاگير برگيڊ کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندي هن وڌيڪ چيو تہ زرداري مافيا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مختلف وقتن تي قبضا ڪندي رهي آهي نوابشاھ ۾ اٺ سو ايڪڙن تي ڪيل سندس قبضي کي اتان جي شعور سان کالي ڪرايو سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي وارثي ڪنداسين پ پ پ جي حوالي وڏيرن جي ڳالهين ۾ نہ اچجو زرداري مافيا مان جان ڇڏائڻ تائين خاموش نہ ويھنداسين جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسدﷲ ڀتو چيو تہ وقت اچي ويو آهي تہ سنڌ تان زرداري مافيا جي قبضي ختم ڪرائي عوام کي حقيقي جمهوريت ڏانهن وٺي هلجي پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو تہ سسٽم جي نالي ڪرپٽ پوليس آفيسر روينيو عملدار سميت لاڳاپيل ادارا زرداري جي ڪمداري پيا ڪن زرداري اقتدار جي حوس ۾ سنڌ ۽ قوم کي نيلام پيو ڪري ۽ سي ايم سندس منڇي بڻيل آهي غازي ڳوٺ سميت سموري سنڌ تي زرداري مافيا قبضو ڪري ويٺل آهي وقت اچي ويو آهي تہ انهن مان جان ڇڏيون هن چيو تہ سنڌ افغانين سميت ڌارين کي زرداري رهائڻ لاء تيار آهي پر ڌرتي ڌڻين کي برداشت ڪرڻ لا تيار ناهي جنهن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريندس سنڌ ۽ قوم جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مونکي گرفتار ڪرايو ٿو وڃي،قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو تہ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي رڳو عوام بجاء ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي انهن کي سنڌ جي وسيلن کانسواءِ عوام جو ڪو بہ درد ڪونهي، بلاول ڪاڪا جو قتل هجي يا ٻيو ڪيو سانحو هجي هو خاموش رهن ٿا، غازي ڳوٺ تي ٿيل برييت کي ڪنهن صورت قبول ڪو نه ڪنداسين، ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ محبوب عباسي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا ناجائز اختيار استعمال ڪري سنڌي آبادين کي غير قانوني ڄاڻائي مسمار ڪري رهي آهي، پر ساڳي ڪراچي ۾ ڌارين ۽ پرڏيهين جي غير قانوني قائم ٿيل ڪئمپن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ اسان مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن پر دهشتگردن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، الاهي بخش بڪڪ، مشتاق سرڪي، تاج جويو، سارنگ جويو، مهر ڊٻائي، ڊاڪٽر علي نواز گبول چيو ته سنڌي وسندي اها پهرين ڪاھ ناهي ان کان اڳ به ڌرتي ڌڻين تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جي نياڻين تي ائين حملو ڪيو ويو ڄڻ ته هو دهشتگرد هجڻ، هي نِياڻيون پنهنجي گهرن کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن تي آيون هيون، ان ظلم ۽ پوليس گردي جي مذمت ڪندي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت غازي ڳوٺ جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏئي ڳوٺاڻن ۽ اڳواڻن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو