ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن پاران ٻن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس سامھون روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاھري کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ايمپلائيز يونين جي صدر رضا محمد ميمڻ ، سارنگ مصطفي ، ذوالفقار ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته موجوده ايڊمنسٽريٽر بلاجواز اسان جون ٻن مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن ، گذريل مھيني بلاجواز 16 ملازمن جي عيد پگھار پڻ بند ڪري ڇڏي ، جنھن سبب ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا ، مظاهري دوران ملازمن الزام هڻندي چيو ته موجوده ايڊمنسٽريٽر ملازمن جي حقن کي نظرانداز ڪندي گذريل مھيني ڪوڙن بلن ذريعي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اڪائونٽ مان 3 ڪروڙ روپيه ڪڍرائي ورتا ، جنهن جو اعلٰى اختياريون نوٽيس وٺن ، هنن چونڊيل نمائندن ۽ اعلٰى اختيارين کان فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي پگھار ۽ سندن جائز مطالبا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .










