ناري سان لڄالٽ وارو واقعو، احتجاج، ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ناري سان لڄالٽ وارو واقعو، احتجاج، ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

بدين(ن سنڌيار) پنگريو ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو ڀيل برادري جي اوباش نوجوانن جي سورنھن ورھين جي نياڻي سان زوري لڄالٽ ايس ايس پي بدين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تفصيل موجب پنگريو لڳ ڳوٺ حاجي احمد جوڻيجو جي رھواسي محمد خان لغاري جي 16 سالن جي ڪنواري ناري نائمه مائٽن جي گھران پنهنجي گهر واپس وڃي رهي هئي ته رستي ۾ اڳ ۾ ئي بيٺل ٻن ھٿيارن بندن ھن کي زوري اغوا ڪري کڻي ويا ناري جي لڄالٽ ڪري بيھوشي جي حالت ۾ ڳوٺ ڀرسان ٻني ۾ ڦٽو ڪري ڀڄي ويا 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپوء به ناري گھر نه پھچڻ تي وارثن پريشان ٿي ھن جي ڳولا شروع ڪئي ته ناري ڳوٺ لڳ ووڻن جي فصل مان بيھوشي جي حالت۾ ووڻن جي فصل ملي ناري جي وارثن طرفان پنگريو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پوليس ناري کي ميڊيڪل لا ٽنڊو باگو تعلقا اسپتال روانو ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پنگريو حاڪم علي کوسو ٻڌايو ته ناري جي رپورٽ داخل ڪئي ويئي آھي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ايف آر داخل ڪئي ويندي ھن چيو ته جوابدار فرار ٿي ويا آھن ناري سان لڄالٽ ڪندڙ مبينا جوابدار ڀيل برادري جا آسن ولد ويرو ڀيل ۽ ميگھو ولد فو ٽو ڀيل ٻڌايا پيا وڃن ٻئي طرف ناري نائمه لغاري سان ڀيل برادري جي اوباش نوجوانن جي زوري لڄالٽ جي ايف آر داخل نه ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف لغاري برادري ۽ پنگريو جي شھرين حاجي عبدلعزيز لغاري مخدوم علي اڪبر اعجاز سمون عبدالحئي چانڊيو جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ پنگريو شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي ڪئي ڌرڻي سبب پنگريو جھڏو روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي ويئي انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ نياڻي سان وڏو ظلم ٿيو آھي پر ايس ايڇ او پنگريو جوبدار گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آھي ھنن چيو ته غريب لغارين کي بااثر ماڻهو ڌٻائي ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاھين ٿا ھنن آئي سنڌ ۽ بدين جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته فورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ايف آر داخل ڪئي وڃي ٻئي طرف ايس ايس پي بدين ھن واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي حڪم تي پنگريو پوليس ڪارروائي ڪري لڄا لٽ ۾ مبينا ڄاڻايل ھڪ جوابدار آسن ولد ويرو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ پوليس اٽالا روانا ڪيا ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو