ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو جي شادي لارج واھ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ وارا بندي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو. خبر موجب اڪرم واھ مان نڪرندڙ شادي لارج واھ ۾ پاڻي جي وارا بندي ۽ پاڻي کوٽ خلاف نياز محمد لنڊ، ابراهيم ٿيٻو، عبدالله لنڊ ۽ نظير آٿلو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جي وڏي تعداد پاران ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آبادگارن چيو آهي ته هن وقت برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ تمام گهڻو پاڻي هلي رهيو آهي، مٿي ٻوڏ واري صورتحال آهي پر شادي لارج واھ ۾ تي وارا بندي ختم نٿي ٿئي. هنن چيو ته شادي لارج واھ ۾ وارا بندي ڪري پاڻي نه ڇڏڻ ڪري اسان جا فصل سڪي سڙي رهيا آهن. هنن ايريگيشن جي اختيارين کان گهر ڪئي ته شادي لارج واھ تي وارا بندي ختم ڪري پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ باگو واھ جي پل تي وڏو ڌرڻو هنيو ويندو.










