لنڊن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ريٽنگ ايجنسي فِچ پاڪستان جي آئوٽ لُڪ کي مستحڪم کان منفي ڪري ڇڏيو. فچ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ وڌندڙ سياسي عدم استحڪام، ڪمزور حڪومتي اتحاد ۽ وقت کان اڳ چونڊون منظر نامي کي تبديل ڪرڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آهي. فچ جي رپورٽ موجب ناڪاري ريٽنگ 2022ع جي شروعات کان وٺي پاڪستان جي بگڙيل لڪيڊيٽي ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي تي عملدرآمد ۽ جون 2023 کانپوءِ فنڊنگ تائين پهچ تي خدشا آهن، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا دٻاءُ جو شڪار آهن. رپورٽ موجب مالي سال 2022ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر هو ۽ ايندڙ مالي سال ۾ اهو خسارو 10 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. فچ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگو تيل مهانگو ٿيڻ سبب مهانگائي جي شرح بلند رهندي.










