ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر جو ايڪشن

ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر جو ايڪشن

گهوٽڪي(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي جو ايڪشن، ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي انجنيئرنگ برانچ جي پلاٽ تي غيرقانوني طور تعمير ڪيل عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي رانا محسن ڪارروائي ڪندي ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي انجنيئرنگ برانچ جي پلاٽ تي قائم ڪيل غيرقانوني عمارت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي اجازت نه ڏبي، قبضا خور پنهنجو قبلو درست ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو