لاهور کان ميانوالي ويندڙ ٽرين جي ڇت تان ڪري 2 مسافر فوت ۽ 4 زخمي

لاهور کان ميانوالي ويندڙ ٽرين جي ڇت تان ڪري 2 مسافر فوت ۽ 4 زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور کان ميانوالي ويندڙ ٽرين جي ڇت تان ڪري 2 مسافر فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب حادثو غفور آباد ريلوي اسٽيشن ويجهو پيش آيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد الاضحيٰ جي ڪري ٽرينن ۾ هن وقت تمام گهڻو رش آهي.ريسڪيو ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رش سبب ٽرين ۾ جاءِ نه هجڻ سبب لاهور کان ميانوالي ويندڙ ٽرين جي ڇت تي لکين مسافر ڪري پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو