اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا ڪيسن جي شرح 4.69 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿي ويو، ملڪ ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 50هين نمبر تي آهي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جو هڪ مريض فوت ٿي ويو پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 805 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا ڪيسن جي شرح 4.69 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي ملڪ ۾ هن وقت تائين 30 هزار 404 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته انهن جي ڪل مريضن جو انگ 15 لک 40 هزار 80 ٿي چڪو آهي ڪرونا وائرس جي علاج هيٺ مريضن مان 168 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 17 هزار 150 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 90 لک 96 هزار 468 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ايبٽ آباد ۾ ڪرونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح سڀ کان وڌيڪ 17.46 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ان دوران ڪرونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ 10.62 سيڪڙو، مظفرآباد ۾ 6.45 سيڪڙو، پشاور ۾ 3.32 سيڪڙو، لاهور ۾ 3.19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي، هاڪاري ڪرونا ڪيسن جي شرح اسلام آباد ۾ 2.78 سيڪڙو، گلگت ۾ 2.52 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 1.16 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










