اميدوارن  جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ تي تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف احتجاجي مظاهرو. خبر موجب ٽنڊوباگو تعلقي ۾ پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي وڏي تعداد کين آفر آرڊر نه ملڻ تي فاروق، نديم، زاهد، عبدالخالق بليدي ۽ ذوالفقار ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته ٽنڊوباگو تعلقي ۾ 5 سئو پرائمري استادن جون سيٽون خالي آهن پر تعليم کاتي بدين پاران 144 سيٽون ظاهر ڪري 350 سيٽون گم ڪري ڇڏيون آهن. سيٽون نه هئڻ جو بهانو بنائي اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن گهر ڪئي ته ٽنڊوباگو تعلقي جي 54 مارڪن کان 40 مارڪن تي پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو