گوادر ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي، چين قرض ڏنو آهي پر اسان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو. گوادر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ گوادر جي ترقي بي معنيٰ آهي.شهباز شريف چيو ته جيستائين اوهان جا مسئلا حل نه ڪنداسين، ايستائين سڪون سان نه ويهنداسين.وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت بلوچستان جي مسئلن ڏانهن ڌيان نه ڏنو، اسان پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ 100 ارب رپيا رکيا آهن. دوري دوران ڪيل اعلان وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ڪيو. ان موقعي بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو صوبائي وزيرن سان گڏ سندس آجيان ڪئي. ان موقعي وزيراعظم گوادر ڊويلپمنٽ اٿارٽي ۽ انڊس اسپتال وچ ۾ گوادر ۾ 100 بسترن تي ٻڌل عالمي معيار جي اسپتال لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيح ڪئي. اسپتال جي جديد جوڙجڪ کانپوءِ ان جو انتظام انڊس اسپتل حوالي ڪيو ويندو، جنهن بعد گوادري جي ماڻهن کي علاج لاءِ ڏورانهين شهرن ڏانهن نه وڃڻو پوندو وزيراعظم گوادر بندرگاهه جي دوري کانپوءِ گوادر بزنس سينٽر ۾ مقامي مُهاڻن سان ملاقات ڪئي، هن مُهاڻن جي ڪالوني لاءِ 200 ايڪڙ اراضي مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو.وزيراعظم مُهاڻن کي ٻيڙين جي انجڻ فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته کين انجڻون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون. انکانسواءِ وزيراعظم 100 ميگاواٽ ايران مڪران ٽرانسميشن لائين جي پيڙهه جو پٿر به رکيو ۽ چيو ته هيءَ رٿا ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان بجلي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.










