لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران اسماعيل جي ضمانت منظور

اسلام آباد )بيورو)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ 6 جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي. درخواستگذار جج ڪامران بشارت مفتي اڳوڻي گورنر سنڌ جي 6 جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو