رٽائرڊ استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

دادو(ن سنڌيار) دادو رٽائرڊ ٽيچرس ايسوسئيشن ضلع دادو طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن حافظ غلام محمد چنا،عبدالحق ميمڻ،رجب علي پنهور، سيد خادم حسين شاهه،اسلم پرويز سهتو، نياز حسين پنهور ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته سنڌ حڪومت طرفان بجيٽ ۾ ڏنل 5 سيڪڙو پينشن کي رد ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٻين صوبن جيان گهٽ ۾ گهٽ اسان کي به 10سيڪڙو پينشن ڏني وڃي ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده مهانگائي جي مناسبت سان پينشن وڌائي وڃي ٻيو مطالبو هو ته گروپ انشورنس ۽ بينيوولينٽ فنڊ هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي رٽائرڊ ملازمن کي ڏنو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ تائين وسيع ڪيو ويندو ،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو