ڪراچي ۾ برساتون،واٽر بورڊ پاران ايمرجنسي نافذ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ برسات متعلق اجلاس برساتن کي پيش نظر رکندي ڪراچي واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي نافذ,برسات کان اڳ سمورين سيوريج پمپنگ اسٽيشن کي فعال بڻايو وڃي. وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم،تفصيل موجب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران برساتن کي پيش نظر رکندي ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي، متوقع برساتن جي حوالي سان وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي اجلاس جي صدارت ڪندي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ برسات کان اڳ سمورين سيوريج پمپنگ اسٽيشن سميت جيٽنگ، سيڪشن مشين ۽ ڊي واٽرنگ پمس کي فعال رکيو وڃي تہ جيئن شھرين کي ممڪنہ برساتن ۾ ڪنهن وڏي پريشاني کي منھن نہ ڏيڻو پوي، ھن تمام سپرنٽينڊنٽ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي ھدايتون جاري ڪيون تہ اھي پنھنجي ماتحت عملي سميت لاڳاپيل ڊويزن ۾ ۲۴ ڪلاڪ الرٽ رھن، واٽر بورڊ جي ڪنڊيوٽ، نھري سسٽم سميت مختلف پمپنگ اسٽيشن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ فراھمي و نڪاسي جي سڀني پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي عدم فراهمي جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکيو وڃي، اجلاس جي موقعي تي چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر انور ميمڻ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر عبدالفتاح شيخ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر عبدالمالڪ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي واٽر بورڊ عملو شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو