قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس،عسڪري قيادت جي بريفنگ

اسلام آباد(بيورو)پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ فوجي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين ۾ شرڪت ڪندڙن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻن کي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ قومي سلامتي ۽ امن امان ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين دوران شرڪت ڪندڙن کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو