نئون ديرو(ن سنڌيار) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ايم پي اي سردار معظم علي خان عباسي جا طوفاني دورا،پي ٽي آء جي اميدوارن جي ڪاميابي لاء ورڪ،دوران ورڪ نئون ديرو ۾ برادري جي معزز سرفراز علي عباسي جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت،آجياڻي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي سردارمعظم علي عباسي چيو آھي پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت پوليس جي مدد سان مخالفن کي بلدياتي اليڪشن ۾ حراسان ڪري زبردستي حمايتون حاصل ڪري رھي آھي جيڪو غير جھموري عمل آھي شھيدن جي نالي ٺاھيل سنڌ حڪومت غير جھموري عمل۾ ملوث آھي ،معيشت ۽ زراعت تباہ ٿي چڪي آھي ،عمران خان جي حڪومت کي اعتماد جي رٿ تحت ھٽايو ويو ۽ نواز ليگ ،پيپلزپارٽي ۽ اتحادين حڪومت ٺاهي عوام سان واعدو ڪيو ويو تہ مھنگائي گھٽائي ويندي پر ظالم وفاقي حڪومت تيل جون قيمتون وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھن وقت مھانگائي عروج تي پھتل آھي ڪوڙيون ريليون ڪڍڻ وارا پيپلزپارٽي وارا ھن مھانگائي جي وڌڻ جا ذميوار آھن،آصف علي زرداري ۽ سندس حڪومت معيشت ۽ زراعت جي تباھي جا ذميوار آھن ھن وقت تائين سارين جي فصل لاء پاڻي نہ پھتو آھي عوام ويل ۾ آھي ڪابہ قانون جي رٽ نظر نہ ٿي اچي ،ھن چيو تہ مان سردار امير بخش خان ڀٽو جي ورڪ لاء نئون ديرو ۽ پير ڳوٺ پھتو آھيان ،لاڙڪاڻي ۾ بلدياتي اليڪشن سميت جنرل اليڪشن وڏي اڪثريت سان کٽينداسين مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏينداسين عوامي طاقت سان انشاءالله ڪامياب ٿينداسين،ان موقعي تي پي ٽي آء اڳواڻ انجنيئر جاويد احمد ڀٽو، يوسي بھمڻ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آزاد اميدوار محمد علي ابڙو، چيئرمين اميدوار نديم احمد خروس،سيد ڪوڙل شاہ ۽ ٻيا بہ موجود ھئا.










