واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪيس به کوليو ويو آهي.آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز ٽرمپ خلاف پرڏيهي حڪومتن جي تحفن جو مڪمل رڪارڊ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس وومين ڪيرولين مالوني جو چوڻ آهي ته هن وقت اها خبر ناهي ته هو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ ڇا ڪندي. هن سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻو صدر پرڏيهي حڪومتن کان متاثر هو، جنهن ڪري آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي خطرو ٿي سگهي ٿو.










