اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حنيف عباسي کي وزيراعظم جي خاص مددگار جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي. درخواست جي اڄ ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي خاص مددگار حنيف عباسي جي استعيفيٰ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. وڪيل حنيف عباسي عدالت کي ٻڌايو ته حنيف عباسي جي استعيفيٰ کانپوءِ درخواست غير موثر ٿي وئي آهي.










