لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي سيشن ڪورٽ وڪيلن تي تشدد ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران وڪيلن تي مبينا تشدد جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل حيدر مجيد ايڊووڪيٽ داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس راڻا ثناءُ الله جي حڪم تي وڪيلن تي تشدد ڪيو. ايڊيشنل سيشن جج ميان مدثر عمر بڊلا درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










