ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ICMA انٽرنيشنل ۽ پاڪستان ري انشورنس ڪمپني ڪراچي ۾ ٻنهي ادارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ باضابطه طور تي مفيد پارٽنرشپ کي باضابطه بڻائڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشت نامي (MOU) تي صحيحون ڪيون. ICMA جي نمائندگي عامر اعجاز خان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وجيهه فريال، ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز، ثمرين نعمان، ڊائريڪٽر سينٽر آف ايڪسيلنس ۽ ستيش عاصم، هيڊ جاب پليسمينٽس اينڊ انڊسٽري لنڪيجز ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان ري انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرمان زرقون، سيد عامر چيف فنانشل آفيسر ۽ هيومن ريسورسز جي سربراهه ارحم رحيم پيش ٿيا. مسٽر عامر اعجاز خان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي ايم او يو پاڪستان جي انشورنس شعبي جي نئين دور جي شروعات آهي، ان قدم ذريعي ICMA پاڪ ري انشورنس ڪمپني سان سندن تربيت ۽ ترقي جي ضرورتن، تحقيق ۽ اشاعت جي حوالي سان ڀائيواري ڪندي. وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ مارڪيٽ ۾شعور پڻ وڌايو ويندو. پاڪستان ري انشورنس ڪمپنيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مسٽر فرمان زرقون، ڪارپوريٽ پارٽنر طور ڪم ڪرڻ لاءِ صنعت-اڪيڊمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. ٻئي تنظيمون مستقبل ۾ وڌيڪ باهمي تعاون جا منتظر آهن.










