نوابشاھ (ن سنڌيار) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ- ون شھيد بينظير آباد جي احڪامات موجب شھيد بينظير آباد جي ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ريجنل انچارج گل امير سنبل پنھنجي ٽيم سميت نوابشاھ جي يونين ڪائونسل-6 جي تاج ڪالوني جو دورو ڪيو ۽ ڪالوني ۾ ميونسپل جي ڪچري ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نہ ٿيڻ متعلق ڪيل عوامي شڪايتن تي ماڻھن کان تفصيلي معلومات ورتي ۽ حل جي سلسلي ۾ خاطري ڪرائي. دوري دوران ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ريجنل انچارج گل امير سنبل تاج ڪالوني م ميونسپل جي گڏ ڪيل گند ڪچري ۽ گٽر نالن جي صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ڪري گندي پاڻي جي گھٽين ۾ بيٺل ھئڻ ڪري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ذميدارن خلاف اداري جي قانون 2014 تي نوٽيس جاري ڪرڻ جا احڪامات پڻ جاري ڪيا. انھيءَ موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ريجنل انچارج گل امير سنبل چيو تہ اھڙي ڪارروائي عوام پاران سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڪيل شڪايتن بعد جاري احڪامات جي سلسلي ۾ ڪئي وئي. ھن ٻڌايو تہ دوري دوران تاج ڪالوني جي رهواسين شڪايت ڪندي ٻڌايو تہ تاج ڪالوني اڄ کان 40 سال پراڻي رھائشي ڪالوني آھي جتي ڊرينيج سسٽم جي نہ ھئڻ ۽ صفائي سٿرائي لاءِ ميونسپل عملي جي نہ اچڻ سبب علائقي واسين کي مسلسل پريشاني کي ڏسڻو پوي ٿو ۽ گندگيءَ جي آزار سبب مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍڙا مختلف بيمارين جي ور چڙهيل آھن. ھن ٻڌايو تہ ماحولياتي قانون 2014 تحت ڪالوني ۾ موجود گند ڪچري کي تلف ڪرايو ويندو.










