ايس يو پي جو اجلاس ٿي گذريو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو جي صدارت هيٺ گلشن اقبال ۾ ٿي گذريو.اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر منير مگسي، سيڪريٽري رزاق شر، انفارميشن سيڪريٽري مخدوم شمس, ڊاڪٽر علي نواز گبول ،اختر دايو، فيض ھيسباڻي، امير جان چانڊيو، منير نائچ،منصور چانڊيو سميت مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن اندر پارٽي جي واڌ ويجهه سميت سياسي هلچل ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي ايس يو پي نائب صدر اعجاز سامٽيو چيو ته ڪراچي اندر ايس يو پي جي دوستن کي اڄان وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن پاڻ پهنجي وطن جي حق حاڪميت بحال ڪرائي سگهون.اعجاز سامٽيو وڌيڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ اتر سنڌ جي سمورن ضلعن، تعلقن،ٽائون ۽ يوسين ۾ ايس يو پي جا اميدوار ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيا آهن. ۽ انشاء الله پهنجي گڏيل محنت ۽ وطن دوست ڌرتيءَ ڌڻين جي ووٽ جي طاقت سان هنن وڏيرن، ڀوتارن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي پڻ ايس يو پي ڀرپور نموني سان تياري ڪري رهي آهي خاص طور ڪراچي ڊويزن جي هر ضلعي اندر ايس يو پي پنهنجا اميدوار بيهاريندي.هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حقيقي سنڌ جي وارثن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن جيئن پاڻ سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ شهيد قاسم چانڊيو جي ورسي 22 مئي آچر ڏينهن تي ڪراچي ۾ ڀرپور نموني سان ملهائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو