نيويارڪ ۾ نسل پرست نوجوان جي فائرنگ، 10 فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيو يارڪ اسٽيٽ جي سپر مارڪيٽ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب 18 سالن جو اڇو حملو ڪندڙ فوجي يونيفارم، آرمرڊ شيلڊ ۽ هيلمٽ پهريل بفيلو سپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جوابدار حملي کي گيمنگ بابت سوشل ميڊيا تي لائيو نشر ڪيو، جوابدار پيٽن گينڊرن جي بندوق تي نسل پرست لفظ به لکيل هئا.پوليس موجب 13 ڄڻن کي گوليون لڳيون، جن مان 11 ڪاري رنگ جا آهن، بازار گهڻو ڪري ڪاري علائقي ۾ آهي.ايف بي آءِ موجب واقعي جي جاچ نفرت جي ڏوهن جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪاري برادري جي ميمبرن صدر جوبائيڊن کان واقعي جي شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو