لاهور (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته اتحادين جي مشاورت کانسواءِ جلد چونڊون نه ٿينديون.لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خلاف ڪيسن جو قانوني دفاع ڪندو هن چيو ته نواز شريف ايندڙ چونڊن کان اڳ وطن واپس ايندو.قانون واري وزير چيو ته اتحادين جي مشاورت کانسواءِ جلد چونڊون نه ٿينديون.ٻئي طرف تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو ته آئيني بحران ختم ڪرڻ ۾ عدليه جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. عدليه آئين جو تحفظ ڪندي.










