اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف کي حنيف عباسي جي خاص مددگار جي مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻو گهرو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.چيف جسٽس شيخ رشيد کي روسٽرم تي طلب ڪندي چيو ته ملاقاتن ۾ عدالتن تي الزام هڻڻ افسوسناڪ آهي، ڇا توهان ۽ توهان جي اتحادي پي ٽي آءِ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي اعتماد آهي؟جسٽس اطهر من الله چيو ته تمام اهم ۽ وڏا ڪيس عدالت ۾ التوا ۾ آهن، انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي. چيف جسٽس شيخ رشيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پي ٽي آءِ چيئرمين کان به پڇا ڪريو، جيڪڏهن کيس اعتماد ناهي ته پوءِ اسان نه ٿا ٻڌون. سياسي بيان ڏنا وڃن ٿا ته عدالتون ڪنهن جي حڪم تي کُلينديون آهن، گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس آهن، بلوچ شاگرد هن عدالت ۾ آهن، عوام جو اعتماد خراب نه ڪيو وڃي.چيف جسٽس اسلام آباد چيو ته شيخ صاحب، هي عدالتون سڀني لاءِ آهن، سياسي بيانن ۾ ان کي خراب نه ڪيو وڃي، جنهن تي شيخ رشيد صحيح جواب ڏنو.بعد ۾ عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ خلاف درخواست تي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ۽ حنيف عباسي ذريعي وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت وزيراعظم کي حنيف عباسي جي خاص مددگار طور مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










