ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ڦليلي ڪئينال جي نصير واه مان نڪرندڙ نصير واه ڊائون جي سوين آبادگارن پاران سيد جمال شاھ جي درگاه کان نوتڪاڻي موڙ تائين پيادل مارچ ڪري نوتڪاڻي موڙ وٽ ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، خبر موجب ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، سيد سائينڏنو شاه، عثمان چاوڙو، پرویز آرائين جي اڳواڻي سوين ماڻهن جو پاڻي کوٽ خلاف نصير واه ڊائون 20 کان وڌيڪ غير قانوني ڪٽ ۽ واٽر ڪورسن جا موڳا ٽٽل هئڻ ڪري سيد جمال شاھ جي درگاه کان نوتڪاڻي موڙ تائين ٽي ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري نوتڪاڻي موڙ وٽ ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي ٽنڊوباگو جهڏو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي سيد سائين ڏنو شاه، عثمان چاوڙو، خدا ڏنو شاه، پرویز آرائين ۽ قمبر علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نصير واه ڊائون ۾ گذريل ٽن مهينن کان وٺي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بااثر زميندارن ايريگيشن جي عملدارن سان ملي نصير واه ڊائون مان غير قانوني طور 21 ڪٽ، ونگيون ۽ سمورن واٽر ڪورسن جا موڳا ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري پوڇڙ جا آبادگار پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن. هنن ايريگيشن جي صوبائي وزير، سيڊا ڊائريڪٽر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نصير ڊائون مان ڪڍيل غير قانوني واٽر ڪورس ختم ڪيا وڃن.










