ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عيدالفطر جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. عيد جي ٽئين ڏينهن عام ماڻهو سياهتي مرڪزن جو رخ ڪري رهيا آهن. مٺي عيد تي هڪ پاسي مٺايون ورهايون ويون ته ٻئي پاسي عام ماڻهن ۽ شوبز جي دنيا جي ستارن رنگ برنگي پهراڻ پهريا. فنڪار برادري به ان خوشي جي موقعي تي ڪنهن کان به پوئتي ناهي. عيد جي موقعي تي جيئن ئي مشهور شخصيتون انسٽاگرام يا فيس بڪ ٽوئيٽر تي سوشل ميڊيا جو رخ ڪن ٿا ته هو نئين جديد انداز جي لباسن ۾ چمڪندي نظر اچن ٿا، اهو انداز ايندڙ ايونٽس ۾ مداحن لاءِ هڪ رجحان بڻجي وڃي ٿو. سو اچو ته معلوم ڪريون ته هن عيد لاءِ ڪهڙي فنڪار ڪهڙي لباس جي چونڊ ڪئي آهي؟
منال ۽ احسن
اداڪارا منال پنهنجي شادي کانپوءِ پهرين عيد اداڪار احسن محسن اڪرام سان ملهائي، پنهنجي مڙس سان گڏ پهرين عيد تي منال لائٽ ڪريم رنگ جو ڊزائنر عاصم جوفا جو سوٽ پاتو جڏهن ته احسن گري رنگ جي شلوار قميض ۾ نظر آيو.
ايمن ۽ منيب
اداڪارا ايمن ۽ منيب بٽ به عيد تي هميشه وانگر سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم نظر آيا، اداڪارا ايمن عيد لاءِ ڊزائنر انس ابرار جو هلڪو گلابي ۽ ملٽي شيڊڊ سوٽ چونڊيو جڏهن ته منيب بٽ ايمن جي لباس سان ملندڙ رنگ جي شلوار قميض ۾ نظر آيو.
اقرا عزير
اداڪاره اقرا عزير به عيد تي ياسر حسين ۽ سندس پٽ سان گڏ بيحد خوش ۽ پرجوش نظر آئي، اداڪارا عيد لاءِ فيروزي شارٽ شرٽ ۽ گارڊن جو انتخاب ڪيو، جڏهن ته ياسر پنهنجي پٽ سان گڏ ساڳي اڇي ڪاري شلوار ۾ نظر آيو.
فيصل قريشي
اداڪار فيصل قريشي پنهنجي فيملي سان گڏ هلڪي رنگ جي شرٽ، شلوار ۽ ويسٽ پاتل خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون ۽ مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.
سارا خان
شوبز جي مشهور جوڙي ۽ اداڪارا سارا خان پنهنجي مڙس فلڪ شبير سان گڏ عيد جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون.
عدِت ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ
عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي درخواست خارج
وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 7 جون تائين چين جو دورو ڪندو
هڪ اداري جي سياست ۾ مداخلت سان ملڪ کي نقصان ٿي پيو
ڪي پي جو بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندو: پگهارن ۾ اضافي تي غور
ڊاڪٽر ياسمين راشد جي طبيعت ڳڻتي جوڳو قرار
نان فائلرز جون 11 هزار کان وڌيڪ سمون بند
کنڊ جي اگهه ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: وزيراعظم
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪندڙن سان معاملا اڳيان نٿا وڌي سگهن
ڊونلڊ بلوم پاران وفد سان گڏ ڪراچي جي چوڪنڊي قبرستان جو دورو
ڪرغزستان مان سنڌ واسي 205 شاگرد ڪراچي پهچي ويا
روهڙي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ڌنار کوھ ۾ ٻڏي فوت
سنڌيار سکر 23 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 23 مئي 2024
زخمي صحافي نصرالله جي طبيعت سڌرڻ لڳي، حملي خلاف مظاهرا
پيمرا پاران عدالتي رپورٽنگ تي پابندي واري فيصلو چئلينج
وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات پهچي ويو،ملاقاتون
ايل پي جي سلينڊرن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي
داسو ڊيم حملي ۾ مارجي ويل چينين لاءِ 2.5 ملين ڊالر معاوضي جي منظوري
ڪراچي ۾ سخت گرمي جون جي پهرين هفتي تائين برقرار رهڻ جا امڪان